اسان جي ڪجھ دوستن کي اعتراض آهي ته راجـ ڏاهر ڪشميري هو جنهن سنڌ تي ڪاھ ڪئي ۽ قبضو ڪيو مان انهن دوستن لاءِ واضح ڪندو هلان ته اهو ڪشميري هجڻ جي باوجود سنڌ ڌرتي لاءِ وڙهندي جان جو نظرانو ڏئي امر شهيد ٿي ويو ان جو ڪشميري هجڻ تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي ڇو جو ان سنڌ ڌرتي جي حفاظت لاءِ شهادت جو جام پيتو
اسان ابن قاسم جي مخالفت به صرف ان جي لاءِ ڪيون ٿا ته هو عرب سيهڙجي سنڌ تي ڪاھ ڪري سنڌين کي ماريو لٽيو ڦريو ۽ آخر ۾ پاڻ کي سوئر جي کل ۾ ويڙهائي کڻائي ويو جنهن جي ڪري ان جو موت ٿيو، هن سنڌ تي حملو ڪري ڪيترائي سنڌي مارائي ڇڏيا سنڌين جي مال ملڪيت تي قبصو ڪري ان کي کڻي عرب ملڪن ۾ نيلام ڪيائين ڪيترن سنڌين کي غلام بڻائي عرب شهزادن کي تحفي طور موڪليا . اسان اهڙي ماڻهو کي ڪڏهن به فرشتو تسليم نٿا ڪري سگهون جيڪو اسان جي مٿان ظلم ڪري چڪو هجي ۽ اسان ان جي اچڻ تي خوشي محسوس ڪيون ايئن ٿي نه ٿو سگهي ، اسان هن جي مذهب سان ٻڌل ناهيو توڙي جو هو مسلم هجي پر اسان صرف ان کي اوليت ڏيندا آهيون جيڪو پنهنجي ڌرتي يا ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪجھ ڪيو هجي مذهب جي بنياد تي اسان هن محل تائين غلام بڻيل آهيون اسان ان اسلام کي نٿا مڃون جيڪو صرف ٻين تي قابض ٿيڻ جي تعليم ڏيندو هجي اسان ته ان اسلام جا پوئلڳ آهيون جنهن ۾ اسان کي صرف محبت جو پيغام مليو آهي جنهن پيغام تي صوفي شاھ عنايت سر نيزي تي کڻايو ، جنهن کي شاھ پنهنجي بيتن ۾ ڳايو ، جنهن جي ڪري مخدوم بلاول گهاڻي ۾ پيڙايو ويو ، جنهن تي عمل ڪندي دولھ دريا خان پنهنجي وطن جو دفاع ڪيو ۽ سچل پنهنجي بيتن ۾ ان پيغام کي سمجهائيندو رهيو جيڪو پيغام اسان کي سائين جي ايم سيد ڏئي ويو اسان ان اسلام جا پوئلڳ آهيون
اسان صدين کام صرف محبت ڏيڻ وٺڻ سکيا آهيون، اسان ڪڏهن ڪنهن تي اڳرائي (حملو) نه ڪيو آهي جنگ سدائين اسان تي مسلط ٿي آهي جنهن جو اسان مڙس ٿي مقابلو به ڪيو آهي ته بچاءَ خاطر پنهنجي جانين جا نظرانا به ڏنا آهن اسان ان مذهب (اسلام) کي نٿا مڃون جنهن ۾ الله اڪبر جي نالي تي لکين بنگالين، هزارين بلوچن ۽ سنڌين کي ماريو ۽ گم ڪيو پيو وڃي
