جيميسٽن کي گذارش

اسان جا ڪجھ دوست سوچين ٿا تـ اسان جنگ آزادي جي ويجهو آهيون ۽ سائين جي ايم سيد جو نظريو فتح ماڻي چڪو آهي پر مان سمجهان ٿو تـ اهو ڏينهن اڃا گهڻو پري آهي ڇو تـ اسان اڃا سائين جي ايم سيد جو صحيح پيغام عام ماڻهن تائين پهچائي نـ سگهيا آهيون.اسان آزادي آزادي ڪندا روڊن تي ڦرون ٿا پر ڪنهن ڳوٺ ، ٻهراڙي ۾ وڃي ڪڏهن ڪنهن سنڏي کي ڪو آزادي جو مطلب سمجهايو آهي ڇا ان کي اها خبر آ تـ اسين غلام آهيون ڇا ان کي اها خبر آ تـ اسان جا وسيلا ڪهڙا ۽ ڪيترا آهن.
مان سمجهان ٿو جيستائين عام ماڻهو اٿي اسان جي صفن ۾ نـ بيهندو تيستائين اسان آزادي جي ويجهو بـ نٿا پهچي سگهون ، فيسبڪ تي جڏهن اسان جا قومپرست دوست انتها پسندي تي ڳالهائين ٿا يا ان کان پري ٿيڻ جي تلقين ڪن ٿا تـ ڪجھ دوست وري ان کي اسلام خلاف ٿا سمجهن ، پر مان سمجهان ٿو انهن تائين اڃا سائين جو نظريو پهتو ئي ناهي اسان کي اهو سمجهڻو پوندو تـ اسان (سنڌي) صوفي آهيون ۽ اسان جو انتها پسندي سان ڪو واسطو ئي ناهي پر جيڪڏهن اسان ان جي مخالفت ٿا ڪيون تـ دوستن کي برو ٿو لڳي انهن کي اهو سمجهڻو پوندو تـ اسلام سان اسان جي ڪابـ دشمني ناهي اسان صرف انهاپسندي جي مخالفت ٿا ڪيون جيڪا اسان جي معاشري کي تباھ ڪري ڇڏيندي جيميسٽ دوستن کي منهنجي رڳو اها التجا آهي تـ صرف فيسبڪ تي نـ پر پنهنجي علائقي ۽ آسپاس جي ماڻهن کي بـ اهو ٻڌائين تـ اسان صوفي ۽ سيڪيولر قوم آهيون محبت ڏيڻ ۽ وٺڻ ئي اسان جو مذهب آهي انسانيت ئي سڀ کان اول آهي .
اسان سنڌي ماڻهن کي اڃا قوم ئي ناهيون ٺاهي سگهيا سنڌي تـ پاڻ کي مسلمان قوم سمجهن ٿا ، سنڌي ماڻهن کي قوم ٺاهڻ لاءِ اسان کي انهن کي پنهنجا وسيلا ،تاريخ ، قوم هجڻ جا ثبوت ڏيڻا پوندا جيڪي اسان اڃا ناهيون ڏئي سگهيا پوءِ ڇو اسان رڳو تقريرون ۽ جلسا جلوس ڪندا ٿا وتون انهن کي سمجهڻ وارا تـ آهن ئي ڪونـ ! پهريان تـ اسان کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارا ٺاهڻا پوندا پوءِ وڃي اسان قوم ٿي سگهون ٿا ۽ قوم ٿي پنهنجا حق گهري يا وٺي سگهون ٿا پر وٺڻ جو مقصد صرف پنڻ ناهي اسان ڇني بـ سگهون ٿا پر پهريان اسان کي قوم ٿيڻو پوندو . پاڪستان تـ اسان کي قوم قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي پر اسان کي پاڻ مڃائڻو پوندو پر ان کان پهريان  اسان کي قوم ٿي ڏيکارڻو پوندو مڃائڻو پوندو تـ اسان هڪ قوم آهيون پوءِ اسان پنهنجو وطن بـ گهرڻ جهڙا ٿينداسين باقي ڪجھ ماڻهن تي نـ قوم ٺهندي آهي نـ وطن! ـ