جيميسٽن کي گذارش

اسان جا ڪجھ دوست سوچين ٿا تـ اسان جنگ آزادي جي ويجهو آهيون ۽ سائين جي ايم سيد جو نظريو فتح ماڻي چڪو آهي پر مان سمجهان ٿو تـ اهو ڏينهن اڃا گهڻو پري آهي ڇو تـ اسان اڃا سائين جي ايم سيد جو صحيح پيغام عام ماڻهن تائين پهچائي نـ سگهيا آهيون.اسان آزادي آزادي ڪندا روڊن تي ڦرون ٿا پر ڪنهن ڳوٺ ، ٻهراڙي ۾ وڃي ڪڏهن ڪنهن سنڏي کي ڪو آزادي جو مطلب سمجهايو آهي ڇا ان کي اها خبر آ تـ اسين غلام آهيون ڇا ان کي اها خبر آ تـ اسان جا وسيلا ڪهڙا ۽ ڪيترا آهن.
مان سمجهان ٿو جيستائين عام ماڻهو اٿي اسان جي صفن ۾ نـ بيهندو تيستائين اسان آزادي جي ويجهو بـ نٿا پهچي سگهون ، فيسبڪ تي جڏهن اسان جا قومپرست دوست انتها پسندي تي ڳالهائين ٿا يا ان کان پري ٿيڻ جي تلقين ڪن ٿا تـ ڪجھ دوست وري ان کي اسلام خلاف ٿا سمجهن ، پر مان سمجهان ٿو انهن تائين اڃا سائين جو نظريو پهتو ئي ناهي اسان کي اهو سمجهڻو پوندو تـ اسان (سنڌي) صوفي آهيون ۽ اسان جو انتها پسندي سان ڪو واسطو ئي ناهي پر جيڪڏهن اسان ان جي مخالفت ٿا ڪيون تـ دوستن کي برو ٿو لڳي انهن کي اهو سمجهڻو پوندو تـ اسلام سان اسان جي ڪابـ دشمني ناهي اسان صرف انهاپسندي جي مخالفت ٿا ڪيون جيڪا اسان جي معاشري کي تباھ ڪري ڇڏيندي جيميسٽ دوستن کي منهنجي رڳو اها التجا آهي تـ صرف فيسبڪ تي نـ پر پنهنجي علائقي ۽ آسپاس جي ماڻهن کي بـ اهو ٻڌائين تـ اسان صوفي ۽ سيڪيولر قوم آهيون محبت ڏيڻ ۽ وٺڻ ئي اسان جو مذهب آهي انسانيت ئي سڀ کان اول آهي .
اسان سنڌي ماڻهن کي اڃا قوم ئي ناهيون ٺاهي سگهيا سنڌي تـ پاڻ کي مسلمان قوم سمجهن ٿا ، سنڌي ماڻهن کي قوم ٺاهڻ لاءِ اسان کي انهن کي پنهنجا وسيلا ،تاريخ ، قوم هجڻ جا ثبوت ڏيڻا پوندا جيڪي اسان اڃا ناهيون ڏئي سگهيا پوءِ ڇو اسان رڳو تقريرون ۽ جلسا جلوس ڪندا ٿا وتون انهن کي سمجهڻ وارا تـ آهن ئي ڪونـ ! پهريان تـ اسان کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارا ٺاهڻا پوندا پوءِ وڃي اسان قوم ٿي سگهون ٿا ۽ قوم ٿي پنهنجا حق گهري يا وٺي سگهون ٿا پر وٺڻ جو مقصد صرف پنڻ ناهي اسان ڇني بـ سگهون ٿا پر پهريان اسان کي قوم ٿيڻو پوندو . پاڪستان تـ اسان کي قوم قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي پر اسان کي پاڻ مڃائڻو پوندو پر ان کان پهريان  اسان کي قوم ٿي ڏيکارڻو پوندو مڃائڻو پوندو تـ اسان هڪ قوم آهيون پوءِ اسان پنهنجو وطن بـ گهرڻ جهڙا ٿينداسين باقي ڪجھ ماڻهن تي نـ قوم ٺهندي آهي نـ وطن! ـ

ماءُ جي ٻولي ته نه کسيو

پاڪستان جي قومي ٻولي اردو جيڪا ورهاڱي کان ڪجه وقت اڳ ٺهي آهي. مادري ٻولي سنڌي، جيڪا نبين جي دور کان کسي پئي وڃي؟ مڃون ٿا ته اردو ٻولي کي ڪيئن وسارجي جنهن ماءُ اسان کي ٿڃ پيئارڻ وقت مٺڙي لولي ڏيندي هئي. مادري ٻولي جي اهميت ۽ افاديت کان ڪو به ساڃاھ وند ۽ عقلمند انسان انڪار نٿو ڪري سگهي. اهي ٻولين جا مسئلا ئي هوندا آهن جن جي ڪري ملڪن ۾ لسائي فساد ڪر کڻن ٿا. سنڌ جا اختيار ڌڻي به انهي گس تيعمل ڪري رهيا هئا پر ڪجه ڏينهن کان صورتحال ۾ ڪجه تبديلي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪاليج سطح تي سنڌي پڙهائڻ واري فيصلي تي عملدار آمد ڪرائڻ گهرجي ـ


 

سوڀ اخبار

مهاراجه ڏاهر

اسان جي ڪجھ دوستن کي اعتراض آهي ته راجـ ڏاهر ڪشميري هو جنهن سنڌ تي ڪاھ ڪئي ۽ قبضو ڪيو مان انهن دوستن لاءِ واضح ڪندو هلان ته اهو ڪشميري هجڻ جي باوجود سنڌ ڌرتي لاءِ وڙهندي جان جو نظرانو ڏئي امر شهيد ٿي ويو ان جو ڪشميري هجڻ تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي ڇو جو ان سنڌ ڌرتي جي حفاظت لاءِ شهادت جو جام پيتو
اسان ابن قاسم جي مخالفت به صرف ان جي لاءِ ڪيون ٿا ته هو عرب سيهڙجي سنڌ تي ڪاھ ڪري سنڌين کي ماريو لٽيو ڦريو ۽ آخر ۾ پاڻ کي سوئر جي کل ۾ ويڙهائي کڻائي ويو جنهن جي ڪري ان جو موت ٿيو، هن سنڌ تي حملو ڪري ڪيترائي سنڌي مارائي ڇڏيا سنڌين جي مال ملڪيت تي قبصو ڪري ان  کي کڻي عرب ملڪن ۾ نيلام ڪيائين ڪيترن سنڌين کي غلام بڻائي عرب شهزادن کي تحفي طور موڪليا . اسان اهڙي ماڻهو کي ڪڏهن به فرشتو تسليم نٿا ڪري سگهون جيڪو اسان جي مٿان ظلم ڪري چڪو هجي ۽ اسان ان جي اچڻ تي خوشي محسوس ڪيون ايئن ٿي نه ٿو سگهي ، اسان هن جي مذهب سان ٻڌل ناهيو توڙي جو هو مسلم هجي پر اسان صرف ان کي اوليت ڏيندا آهيون جيڪو پنهنجي ڌرتي يا ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪجھ ڪيو هجي مذهب جي بنياد تي اسان هن محل تائين غلام بڻيل آهيون اسان ان اسلام کي نٿا مڃون جيڪو صرف ٻين تي قابض ٿيڻ جي تعليم ڏيندو هجي اسان ته ان اسلام جا پوئلڳ آهيون جنهن ۾ اسان کي صرف محبت جو پيغام مليو آهي جنهن پيغام تي صوفي شاھ عنايت سر نيزي تي کڻايو ، جنهن کي شاھ پنهنجي بيتن ۾ ڳايو ، جنهن جي ڪري مخدوم بلاول گهاڻي ۾ پيڙايو ويو ، جنهن تي عمل ڪندي دولھ دريا خان پنهنجي وطن جو دفاع ڪيو ۽ سچل پنهنجي بيتن ۾ ان پيغام کي سمجهائيندو رهيو جيڪو پيغام اسان کي سائين جي ايم سيد ڏئي ويو اسان ان اسلام جا پوئلڳ آهيون
اسان صدين کام صرف محبت ڏيڻ وٺڻ سکيا آهيون، اسان ڪڏهن ڪنهن تي اڳرائي (حملو) نه ڪيو آهي جنگ سدائين اسان تي مسلط ٿي آهي جنهن جو اسان مڙس ٿي مقابلو به ڪيو آهي ته بچاءَ خاطر پنهنجي جانين جا نظرانا به ڏنا آهن اسان ان مذهب (اسلام) کي نٿا مڃون جنهن ۾ الله اڪبر جي نالي تي لکين بنگالين، هزارين بلوچن ۽ سنڌين کي ماريو ۽ گم ڪيو پيو وڃي